لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) چانڊڪا اسپتال ۾ جديد ايڪسري، مشينري ۽ فرنيچر جا ٺيڪا من پسند ٺيڪيدارن کي  ڏئي کين ايڊوانس ادائيگي جو انڪشاف ٿيو آهي. ان حوالي سان لاڙڪاڻي واسي ٺيڪيدار شبير عباسي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو 31 جون تي ڊائو يونيورسٽي ڪراچي جي اوجھا ڪئمپس ۾ چانڊڪا اسپتال جي لاءِ سي ٽي اسڪين، ڊجيٽل ايڪسري، فرنيچر ۽ ٻي مشينري جي لاءِ 60 ڪروڙ رپين جا ٽينڊر ٿيا جتي فنانشل اوپننگ ٿي انهن ٽينڊرن ۾ چانڊڪا اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽيڊنٽ گلزار علي تونيو، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ضمير کوکر، آڊيٽر نويد انڙ ۽ ٻين ڳري رشوت وٺي لاڙڪاڻو ٽريزري ذريعي 54 ڪروڙ رپيا ايڊوانس ادائيگي ڪئي آهي. هن چيو ته چانڊڪا اسپتال طرفان مون کي 10 مهينن کان ڊائيٽ جا 7 ڪروڙ رپيا رهتون نه مليون آهن ۽ ايم ايس ڊاڪٽر گلزار تونيو ڄاڻي واڻي پئسا ليپس ڪري اهو ٺيڪو پنهنجي مائٽ مجيب الرحمان تونيو کي ڏيڻ چاھي ٿو. هن چيو ته هر سال 2 کان اڍائي ڪروڙ ٽئڪس ادا ڪندو آهيان پر ان جي باوجود وڏي ڪمپني ليب لنڪ کي رشوت عيوض ڏنو ويو آهي جن خلاف مون اينٽي ڪرپشن کي درخواست ڏني جنهن تي ٺيڪيدار ۽ اڪائونٽنٽ مون کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته مون چانڊڪا اسپتال کي معياري کاڌو فراهم ڪندي پنهنجو گهر وڪرو ڪري ڇڏيو جنهن جو ڪريڊٽ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي انتظاميه وارا کڻي رهيا آهن. هن چيو ته ايم ايس ڊاڪٽر گلزار تونيو انتهائي ڪرپٽ آهي جنهن جو سچل ڪالوني ۾ خانگي ميڊيڪل جو مالڪ آهي جيڪو ڊائيٽ جا بل ادا ڪرڻ لاءِ 70 کان 80 لک روپيا رشوت گهري پئي وڃي. هن مطالبو ڪيو ته چانڊڪا اسپتال جي مشينري جو ٽينڊر رد ڪري چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر لاڙڪاڻو، اسپتال جي اڪائونٽنٽ، آڊيٽر ۽ ٻين خلاف ڪرپشن جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.ٻئي طرف ايم ايس لاڙڪاڻو ڊاڪٽر گلزار تنيو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته لڳايل الزام بي بنياد آھن منهنجي مقرري کي ٻه هفتا گذريا آھن جنهن ڪري ٺيڪيدار شبير عباسي جا بل اڳوڻي ايم ايس کي ڪرڻا هئا هن وڌيڪ چيو ته  ٺيڪيدار سدائين پاڻ وڙھندا آھن تازو ئي هڪ ٺيڪيدار شبير عباسي خلاف اينٽي ڪرپشن ۽ ٻين ادارن ۾ درخواست ڏ ني آھي جنهن جا ليٽر اسان وٽ پهتا آھن.