سرحد (ن پ ا) سرحد پوليس پاران مقابلي بعد هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، ان ڏس  ۾  پوليس مبينا مقابلي بعد  هڪ ڄڻي شير خان نصيراڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي، پوليس موجب ته اسان معمول موجب گشت تي هئاسين ته جهانپور شريف لنڪ روڊ تي ڏوهاري شير خان نصيراڻي پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ ڏوهاري شير خان نصيراڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي، پوليس موجب جوابدار شير خان نصيراڻي ڏهرڪي مان 3 ڄڻن جي اغوا ۾ ملوث ھو،  جنهن مٿان مختلف ٿاڻن تي ڪيترائي سنگين ڪيس داخل ٿيل آھن.