پاڪستان مان ڪلاشن ڪوف ڪلچر ختم ڪرڻو پوندو: چيف جسٽس

0
62

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ پاران ملڪ مان ڪلاشن ڪوف ڪلچر جي خاتمي لاءِ وڏو حڪم جاري ڪيو ويو آهي

 چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چوري الزام ۾ جوابدار جي ضمانت واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيو ته پاڪستان مان ڪلاشن ڪوف ڪلچر ختم ڪرڻو پوندو، دنيا ۾ ڪٿي به ماڻهو ائين گاڏين ۾ ڪلاشن ڪوف کڻي ڪارا شيشا چاڙهي نه گهمندا آهن

چيف جسٽس چيو ته اسان گهرو سيڪريٽري کي لکون ٿا ته سموريون ڪلاشن ڪوف ۽ ان جا لائسنس واپس وٺو، اسڪول يا بازار وڃو ته ماڻهو ڪلاشن ڪوف کنيو نظر اچن ٿا، ڊڄو ٿا ته پوءِ گهرن ۾ رهو

 سپريم ڪورٽ وفاقي ۽ صوبائي گهرو سيڪريٽريز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته مون کي به آڇ ڪئي وئي ته ڪلاشن ڪوف جو لائسنس وٺو، منشيات ۽ ڪلاشن ڪوف پاڪستان کي تباهه ڪري ڇڏيو، آءِ جيز ڪلاشن ڪوف جون پرمٽس ڏين ٿا ته هنن خلاف ڇو نه ڪارروائي ڪئي وڃي

چيف جسٽس چيو ته اسلام آباد ۾ ڪارن شيشن جي گاڏين ۾ ماڻهو ڪلاشن ڪوف کڻي گهمن ٿا، پوليس کي هنن کان پڇڻ جي همت ئي نه ٿي ٿئي، ڪيئن خبر پوندي ته ڪلاشن ڪوف وارا دهشتگرد هئا يا ٻيا هئا

 عدالت اٽارني جنرل، سمورن آءِ جيز ۽ ايڊوڪيٽ جنرلز کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا،  منع ڪيل هٿيارن جا لائسنس جاري ڪرڻ بابت تفصيل طلب ڪيا ويا