ڪوئيٽا ۾ ڌماڪو، 4 ٻارن سميت 9 ڄڻا زخمي

0
91

ڪوئيٽا جي زرغون روڊ تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ٻارن سميت 9 ڄڻا زخمي، زخمين ۾ هڪ ٽريفڪ پوليس جو اهلڪار به شامل آهي

 ايس ايس پي آپريشنز جو چوڻ آهي ته ڌماڪو زرغون روڊ تي پل هيٺان ڪچري جي دٻي ۾ ٿيو

ايس ايس پي آپريشنز موجب ڌماڪي ۾ ڪچرو ميڙيندڙ 4 ٻار ۽ هڪ ٽريفڪ اهلڪار زخمي ٿيا، ڪوئيٽا جي ٽراما سينٽر جي انتظاميا موجب ڌماڪي جا 9 زخمي آندا ويا آهن، زخمي ٿيل ٻن ٻارن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي