پاڪستان پاران بلوچستان ۾ ايران جي فضائي حملي جي مذمت، ايران کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جو چتاءُ

0
80

اسلام آباد: پاڪستان پاران بلوچستان ۾ ايران جي فضائي حملي جي مذمت، ايران کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي

پرڏيهي معاملن واري وزارت جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان ايران طرفان فضائي حدن جي بنا جواز ڀڃڪڙي جي سخت مذمت ڪري ٿو

پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب پاڪستان جي خودمختياري جي اها ڀڃڪڙي ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪرڻ جوڳي نه آهي، ان جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا

پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب وڌيڪ ڳڻتيءَ جي ڳالهه اها آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ رابطن جا ڪيترائي فورم موجود هئڻ باوجود ايران پاران اها غير قانوني ڪارروائي ڪئي وئي آهي، ايران جي حملي ۾ 3 معصوم ٻار حياتيون وڃائي ويٺا ۽ 3 ٻارڙيون زخمي ٿيون آهن

تهران ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزارت پاران ايران جي اهڙي عمل تي اڳ ئي سخت احتجاج ڪيو ويو، پاڪستان ۾ به ايران جي ايلچي کي پرڏيهي آفيس طلب ڪيو ويو

 پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان سدائين اهو چيو آهي ته دهشتگردي گڏيل خطرو آهي ۽ خطي جي ملڪن کي گڏجي قدم کڻڻ گهرجن، اهڙن هڪ طرفن قدمن سان پاڙيسري ملڪن جي لاڳاپن ۽ اعتماد کي ڇيهو رسي سگهي ٿو

هي به پڙهندا

ايران جو بلوچستان واري علائقي جي حدن ۾ فضائي حملو، 2 ٻارڙا مارجي ويا