غير قانوني طور ترسيل سمورين پرڏيهين کي پاڪستان مان نڪرڻ جو حڪم

0
291
زندگي خطري ۾ محسوس ڪندڙ افغانين بابت اهم اعلان
زندگي خطري ۾ محسوس ڪندڙ افغانين بابت اهم اعلان

نگران وفاقي سرڪار غيرقانوني طور ترسيل سمورن پرڏيهين کي پاڪستان مان پهرين نومبر تائين نڪري وڃڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف عاصم منير، ڳجهن ادارن جي اختيارين ۽ نگران وڏن وزيرن سميت وفاقي توڙي صوبائي وزيرن شرڪت ڪئي

اجلاس ۾ غيرقانوني طريقي سان ترسيل پرڏيهين کي ڪڍڻ ۽ سندن ملڪيت نيلام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو

نگراں وزیراعظم کی زیر صدارت ایپکس کمیٹی کا اجلاس۔ فوٹو — پی آئی ڈی/ فائل

اجلاس بعد نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حڪومت غيرقانوني طور ترسيل سمورن پرڏيهين کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پرڏيهين کي پهرين نومبر تائين ڊيڊ لائن ڏئي ڇڏي آهي، ته اهي ڏنل ڊيد لائن تائين پنهنجا سمورا اثاثا وڪرو ڪري پنهنجي وطن واپس وڃڻ جا پابند هوندا

هن چيو ته جيڪڏهن ڊيڊلائن تائين پرڏيهي واپس نه  ويا ته کين گرفتار ڪري ڊي پورٽ ڪيو ويندو، سندن ملڪيتون نيلام ڪيون وينديون

پاڪستان ۾ صرف پروف  آف رجسٽريشن وارا افغان پناهگير رهڻ جي اهل هوندا، باقاعده قانوني ويزا وارا افغان شهري به پاڪستان جو سفر ڪرڻ جا اهل هوندا، افغان شهري صرف ڊجيٽائيزڊ “اي تزڪيره”تي  ئي پاڪستان جو سفر ڪري سگهندا