اڳوڻي حڪومت جي ڪرپشن ۾ ملوث آفيسر سي ايم هائوس ۾ ويٺل آهن: جي ڊي اي، متحده ۽ جي يو آءِ

0
120

ڪراچي: جي ڊي اي، متحده ۽ جي يو آءِ سنڌ جي اليڪشن ڪمشنر کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

صفدر عباسي، فاروق ستار، راشد محمود سومرو ۽ ٻين جي ڪراچي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت جي ڪرپشن ۾ ملوث آفيسر اڃا سي ايم هائوس ۾ ويٺا آهن، نگران وزيراعليٰ هائوس پيپلز سيڪريٽريٽ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، ڪاسميٽڪ تبديلي قبول ناهي، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ جيان هيٺئين سطح تي به آفيسر تبديل ڪيا وڃن

سڪرنڊ واقعي بابت نگران وڏي وزير جي ڪميٽي کي رد ڪندي واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ جي شهري توڙي ٻهراڙي جي علائقن ۾ وڏيرن جو قبضو آهي، اليڪشن تائين ميئر سوڌو سموريون ڪائونسلز معطل ڪيون وڃن

اڳواڻن چيو ته اتفاق ٿيو آهي ته سنڌ جي عوام کي متبادل پليٽ فارم جو نياپو ڏيڻو آهي، قومپرست پارٽين سان به ملاقاتون ڪيون آهن، نواز ليگ سوڌو ٻين پارٽين کي دعوت آهي ته سڀ گڏجي سنڌ جي عوام کي متبادل مهيا ڪريون