پاڪستان جي پهرين عورت ڪي ٽو پار ڪرڻ لاءِ پرعزم

0
377

ڪراچي(انٽرسٽن نيوز) پاڪستان جي پهرين عورت ڪي ٽو پار ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. ان ڏس ۾ گلگت بلتستان سان تعلق رکندڙ ثمينه عظمت جو چوڻ آهي ته هوءَ پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي چوٽي ڪي ٽو جي چوٽي پار ڪرڻ جي تيارين ۾ آهي. هن چيو ته هوءَ اسڪردو پهچي چڪي آهي ۽ جلد مهم شروع ڪندي. ان کان اڳ ثمينه عظمت دنيا جي اوچي ترين چوٽي مائونٽ ايورسٽ پار ڪري چڪي آهي۽ اهو جبلپار ڪندڙ هوءَ پهرين پاڪستاني عورت آهي. اهو ڪارنامو هن سال 2013ع ۾ ڏنو هو، جڏهن هوءَ صرف 21 سالن جي هئي. خانگي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي ثمينه عظمت جو چوڻ هو ته هر جبل جا پنهنجا چيلينج هوندا آهن ۽ منهنجي لاءِ هر جبل خاص آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ثمينه عظمت جو چوڻ هو ته هوءَ جبل چڙهڻ لاءِ ڊنل ناهي، هن وڌيڪ چيو ته علي سدپاره هڪ عظيم جبل چاڙهو ۽ عظيم انسان هو. ثمينه ٻڌايو ته مائونٽ ايورسٽ پار ڪرڻ مهل کيس ڏاڍي ڏکيائي ٿي هئي، ڇو جو ساڻس ڪا سپوٽ نه هئي ۽ 30 کان 35 ڪلو وزن به پاڻ کي ئي کڻڻو پيو هو ۽ هوءَ لاڳيتو ٽن ڏينهن تائين پنهنجي ڪيمپ ۾ به رهي ۽ ان دروان پنهنجي فيملي جو رابطو به ساڻس ڪٽجي چڪو هو. هن ٻڌايو ته ذهني ۽ جسماني دٻاءُ، اڻپوري خوراڪ ۽ رت ڄمائيندڙ ٿڌ (فريزنگ)، ننڊ کان بنا راتيون گذارڻ ڏاڍو ڏکيو هو.