دنيا جو مهانگو انب سنڀالڻ ڏچو، مالڪ سار سنڀال لاءِ 9 ڪتا ۽ گارڊ رکي ڇڏيا

0
781

جابلپور(انٽرسٽنگ نيوز) ڀارتي رياست مڌيا پرديش ۾ دنيا جو مهانگو انب سنڀالڻ ڏچو ٿي ويو آهي، مالڪ سار سنڀال لاءِ 9 ڪتا ۽ گارڊ رکي ڇڏيا آهن. ان ڏس ۾ پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ميازيڪي مينگو نالي انب جو قسم دنيا جي مهانگن انبن ۾ شمار ٿيندو آهي. انب جي باغن مان 150 کان وڌيڪ قسم جي انبن جا وڻ پوکيل آهن، جن مان صرف چئن قسمن جا وڻ ميوو ڏئي رهيا آهن. شروعاتي طور انهن ان جا 50 ٻوٽا پوکيا هئا، جن کي بعد ۾ وڌائي سئو ڪيو ويو هو. سنلڪپ پريهار نالي هاري ان حوالي سان ٻڌايو ته چار سال اڳ اسان چنئي ۾ ڏونگهي جي ناياب قسم جي ڳولا ۾ نڪتا هئاسين. ان دوران اسان جي هڪ ساٿي ناياب قسم جي انبن بابت اسان کي ٻڌايو. ابتدائي طور اسان ان انب جي قسم بابت گھڻي ڄاڻ نه رکندا هئاسين پر ان جو ٻوٽو پوکيو ته اندازو ٿيو ته اهو واقعي ناياب آهي. هڪ رپورٽ موجب پريهار انب چوري ٿيڻ جي ڊپ کان هنن پنهنجي باغن جي سڪيورٽي ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. هاري جوڙي ٻڌايو ته گذريل سال اسان جي انب جي باغن مان ڪافي ميوا چوري ٿي ويا هئا. ان ڪري سڪيورٽي لاءِ ٽي لوڪل ۽ ڇهه جرمن شيفرڊ ڪتا رکي ورتا آهن. باغ جي مالڪ جو چوڻ هو ته اسان اڃا تائين انبن جو وڪرو شروع ناهي ڪيو، پر هڪ خريدار اسان کي هڪ انب جا 21 هزار رپيا ڏيڻ لاءِ تيار آهي.