ڏکڻ آفريڪا ۾ عورت کي 10 ٻار ڄمڻ وارو واقعو ڊرامو نڪتو، عورت گرفتار

0
670

ڪيپ ٽائون: (انٽرسٽنگ نيوز) ڏکڻ آفريقا ۾ 10 ٻارن جي پيدائش وارو معاملو ڊرامو نڪتو، 10 ٻار ڄڻڻ جو ڊرامو ڪندڙ عورت کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ڏکڻ آفريقا جي 37 ساله عورت هڪ ئي وقت 10 ٻارن جي پيدائش جي دعويٰ ڪري گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ پنهنجو نالو لکرائي ڇڏيو هو پر اهو معاملو بعد ۾ ڊرامو نڪتو. ڏکڻ آفريقا جي 37 ساله عورت گوسيامي ٿامارا دعويٰ ڪئي هئي ته ان 10 ٻارن کي جنم ڏنو آهي جنهن ۾ 7 ڇوڪرا ۽ 3 ڇوڪريون شامل آهن. واقعي جي جاچ کان پوءِ خبر پئي ته عورت ڪوڙ ڳالهايو هو ان جي گهر ۾ ڪنهن به ٻار جي پيدائش ناهي ٿي ۽ نه ئي هو ڳورهاري آهي. ان کان پوءِ عورت کي ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ فراڊ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. عورت جي باري ۾ خبر پئي آهي ته هو نفسياتي مريض آهي ۽ علاج جي لاءِ کيس اسپتال آندو ويو هو. ٻئي طرف ڏکڻ آفريقي اختيارين 10 ٻارن جي پيدائش جي سختي سان ترديد ڪندي چيو آهي ته هتي ڪنهن به عورت 10 ٻارن کي جنم ناهي ڏنو ۽ اها خبر ڪوڙ تي ٻڌل آهي.