ٽي-20ورلڊ ڪپ ۾ نيوزيلينڊ کي شڪست: پاڪستان فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

0
281

آءِ سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

پاڪستان نيوزيلينڊ طرفان ڏنل 153 رنسن جو هدف آخري اوور ۾ حاصل ڪري ورتو، بابر اعظم ۽ محمد رضوان جي ففٽيز جي مدد سان پاڪستان 153 رنسن جو هدف حاصل ڪيو

سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 20 اوورن ۾ 152 رنسون ٺاهيون

جواب ۾ بابر اعظم 53 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته محمد رضوان 57 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو، محمد حارث 30 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته شان مسعود فاتح شارٽ کيڏيو

پندرهن ٽي ٽوئنٽي ميچن کانپوءِ بابر اعظم ۽ محمد رضوان 100 رنسن جي اوپننگ اسٽينڊ فراهم ڪئي، ٻنهي اوپنرز انگلينڊ خلاف هوم سيريز جي ٻي ٽي ٽوئنٽي ۾ سئو رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي هئي