صحافي ارشد شريف قتل ڪيس ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

0
308
سپريم ڪورٽ پاران نئين جي آءِ ٽي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سينيئر صحافي ارشد شريف جي قتل واري ڏينهن جي ڪينيا جي شوٽنگ رينج تي آمريڪي انسٽرڪٽرز جي موجودگيءَ جو انڪشاف ٿيو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته ارشد شريف 22 ۽ 23 آڪٽوبر جي وچ واري رات آمريڪي انسٽرڪٽرز ۽ ٻين سان گڏ ڊنر ڪيو، 23 آڪٽوبر جي رات 8 وڳي خرم سان گڏ ڪار ۾ وڃڻ دوران ارشد شريف تي فائرنگ ٿي

خرم عام طور شوٽنگ رينج وارو روڊ استعمال ڪندو هو، پر 23 آڪٽوبر تي خرم عام روڊ بدران مگادي هاءِ وي وارو پري جو رستو استعمال ڪيو

پاڪستان مان جاچ لاءِ ويل ٽيم کي ڪينيا جي اختيارين شوٽنگ رينج تي موجود آمريڪي انسٽرڪٽرز بابت ڪجهه نه ٻڌايو

ڪينيا جي پوليس خرم، سندس ڀاءُ يا آمريڪي انسٽرڪٽرز تي قتل جو الزام لڳائڻ بابت ڪو به غور نه ڪيو

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستاني ٽيم جي دٻاءُ وجهڻ بعد ڪينيا جي اختيارين پڇاڳاڇا جو عمل شروع ڪيو آهي

واضح رهي ته سينيئر صحافي ارشد شريف کي ڪينيا ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو

ھي به پڙھندا

ارشد شريف جو موت 2 گوليون لڳڻ ۽ هڪ کان وڌيڪ زخمن سبب ٿيو: پوسٽ مارٽم رپورٽ