ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 17 آڪٽوبر تي ٿيندو: آءِ سي سي طرفان شيڊول جو اعلان

0
359

دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل(آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو. ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي شروعات عمان ۽ گڏيل عرب امارات ۾ 17 آڪٽوبر تي ٿيندي، جڏهن ته روايتي حريف پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون 24 آڪٽوبر تي دبئي ۾ آمهون سامهون ٿينديون. ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ 12 ٽيمون شرڪت ڪنديون، جنهن ۾ پاڪستاني ٽيم پنهنجي پهرين ميچ 24 آڪٽوبر تي ڀارت خلاف کيڏندي، جڏهن پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ مقابلو 26 آڪٽوبر تي شارجا ۾ ٿيندو. پاڪستان ۽ افغانستان جون ٽيون 29 آڪٽوبر تي دبئي ۾ دوبدو ٿينديون. پاڪستان ۽ ڪواليفائير اي 2 سان 2 نومبر تي ابوظهبي ۾ مقابلو ٿيندو، پاڪستان جو ڪواليفائر بي ون سان مقابلو 7 نومبر تي شارجه ۾ ٿيندو.