ٽنڊي الهيار ۾ دوائن جي قيمتن ۾ 100 سيڪڙو واڌ، عوام پريشان

0
261
ملڪ ۾ دوائن جي ٻيهر

ٽنڊو الهيار (رپورٽر) ٽنڊوالھيار جي شهرين انساني جاين کي بچائڻ وارين دوائن تي 100 سيڪڙو کان مٿي اضافي کي رد ڪري ڇڏيو ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان, چيف آف آرمي اسٽاف، وفاقي سرڪار سميت سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته انساني جانيون بچائڻ واري دوائن تي ٿيندڙ اضافو جو فوري نوٽيس وٺي دوائن جي اگھن ۾ گھٽتائي جو اعلان ڪيو وڃي، سروي دوران شهرين ٻڌايو ته دوائمن جي قيمتن ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪري مريضن کي ويتر بيمار ڪيو پيو وڃي، آگمينٽن جيڪا 140 رپين ۾ ملندي هئي مارڪيٽ ۾ ھن وقت 200 رپيا وڪرو ڪئي پئي وڃي، ڪيلشم انجيڪشن جو پراڻو اگھ 350 رپيا ۽ نئون اگھ 600 رپيا، ڊائيا جيسڪ جو پراڻو اگھ 750 ۽ نئون اگھ 1500 رپيا ٿي ويو، سربڪسيڊ جو پراڻو اگھ 150 رپيا ۽ نئون 250 روپيا، ميرونم جو پراڻو اگھ 2100 رپيا جڏهن ته نئون ريٽ 2900 رپيا ٿي ويو، پاڪستان ڪيمسٽ اينڊ ڊرگسٽ ايسوسيئيشن جي مطابق گذريل ھڪ سال ۾ دوائن جي قيمتن ۾ بي انتھا اضافو ٿيو آهي ۽ دوائن سان منسلڪ ماڻهن جي ڪاروبار تي اثر پيو آهي، جڏهن ته عام ماڻهن ۾ خريداري جي پھچ به نه رھي آھي حڪومت طرفان ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪسن جي ڪري دوائن جي قيمتن تي وڏو اثر ٿيو آهي.