پي سي بي جي 2018 کان آڊٽ نه ٿيڻ جو انڪشاف

0
228
پي سي بي پاران

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) بابت انڪشاف ٿيو آهي ته 2018ع کان آڊٽ ناهي ٿي سگهيو، آڊٽ بابت غلط تفصيل پيش ڪري قومي اسيمبلي جي راندين بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي گمراهه ڪيو ويو. ڪرڪيٽ بورڊ طرفان اسٽينڊنگ ڪميٽي کي رڳو پي سي بي چيئرمين جي الائونسز بابت آگاهه ڪيو ويو، جڏهن ته باقي ملازمن جي پگهارن ۽ الائونسز بابت نه ٻڌائڻ تي ڪميٽي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. بين الصوبائي رابطن واري ڪميٽي جو ان ڪئمرا اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي سي بي طرفان 2021 بدران 2019ع جي آڊٽ رپورٽ پيش ڪئي وئي. دستاويزن مان انڪشاف ٿيو آهي ته پي سي بي جي حساب سان 2018 کان هيل تائين آڊٽ ناهي ٿي سگهي.