ٽنڊي باگي ويجهو ٽن ٻارن جي ماءُ وقت سر ويم نه ٿيڻ ڪري فوت

0
343

ٽنڊوباگو (ن پ ا) ٽنڊي باگي ويجهو ٽن ٻارن جي ماءُ وقت سر ويم نه ٿيڻ سبب فوت ٿي وئي، وارثن اسپتال انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو آهي.ڳوٺ علي نواز لغاري جي رھواسڻ 30 ورھين جي ڪوثر لغاري کي پي پي ايڇ آءِ غلام شاهه جي ڊاڪٽر وٽ آندو ويو. ڊاڪٽر عورت کي ٽن ڏينهن تائين پاڻ وٽ رهائي علاج ڪندو رهيو پر سندس ويم نه ٿي سگهي. عورت جي طبعيت خراب ٿيڻ تي کيس بدين جي انڊس اسپتال ريفر ڪيو ويو، جيڪا رستي ۾ئي فوت ٿي وئي. وارثن فوتي عورت جو لاش رکي پي پي ايڇ آءِ اسپتال اڳيان لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو، فوتي عورت جي وارثن جو چوڻ هو ته نوٽيس وٺي پي پي ايڇ آءِ جي ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.