ڪوئيٽا ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جو انگ 5 ٿي ويو

0
445

ڪوئيٽا (ڊيسڪ رپورٽ) ڪوئيٽا شهر ۾ گذريل رات مقامي هوٽل جي پارڪنگ ۾ ٿيل ڌماڪي بابت بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ 40 کان 50 ڪلو گرام ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ مارجي ويلن جو انگ 5 ٿي ويو ۽ 10 ڄڻا زخمي آهن، ٻئي طرف ڊي آءِ جي پوليس ڪوئيٽا اظهر اڪرام جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ڌماڪي وقت هوٽل ۾ ڪو به غير ملڪي وفد موجود نه هو.