ڪراچي (م ڊ) ڪوئيٽا ۾ سَرينا هوٽل جِي پارڪنگ ۾ ڌماڪو، 4 ڄڻا مارجي ويا، چئن پوليس اهلڪارن سميت 12 ڄڻا زخمي، ڌماڪي سبب ڪيترين ئي گاڏين کي باهه لڳي وئي، سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيف سيڪريٽري بلوچستان کان رپورٽ طلب ڪري ورتو، شيخ رشيد چيو آهي ته، چيني سفير ڌماڪي وقت هوٽل ۾ موجود نه هو، ملڪ دشمن عنصر امن تباهه ڪرڻ چاهين ٿا، دهشتگرد پنهنجَي انجام تي پهچندا………..