ٽنڊو جان محمد (ن پ ا) ٽنڊوجان محمد ايم سي بي بئنڪ جي اڳيان مين روڊ تي تيز رفتاري سبب موٽر سائيڪل جو پيدل ويندڙ رٽائر ماستر عبدالعزيز ائمخاني کي ٽڪر هنيو، نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار سميت ٻئي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي طبي امداد لاءِ رورل هيلٿ سينٽر پهچايو ويو جتي ڊاڪٽرن طرفان زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته موٽر سائيڪل سوار حسنين ولد الياس ۽ عبدالعزيز قائمخاني زخمي حالت ۾ اسپتال ۾داخل آھن.