سيٺارجا (ن پ ا) سيٺارجا ريلوي اسٽيشن ڀرسان راولپنڊي کان ڪراچي ويندڙ هزاره ايڪسپريس مان محرابپور واسي نوجوان سجاد ڀٽي پير ترڪڻ سبب ڪري فوت ٿي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان خيرپور کان علاج ڪرائڻ بعد واپس گهر اچي رهيو آهي ته ڳوٺ احمد علي ڪٻر ويجهو واقعو پيش آيو.ريلوي اختيارين ۽ ريلوي پوليس موجب وارثن کي واقع جو اطلاع ڏنو جن کي موقعي تي پهچي لاش ضروري ڪارروائي بعد کين وارثن حوالي ڪيو ويو آهي نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.