ٻارڙن جي بيماري ارڙي

0
39
ٻارڙن جي بيماري ارڙي

 سنڌ ۾ ننڍڙن ٻارن ۾ گذريل ڪيتري عرصي کان ارڙي جي بيماري سمورن خاندانن ۾ افسوس ۽ عذاب پيدا ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي تقريبن سڀني ضلعن ۾ سواءِ ڪراچي جي روزانه ارڙي جي بيماري سبب ننڍڙن ٻارن جي موت ۽ اخبارن ۾ غريبن جون دانهون اڃان تائين حڪومتي ايوانن ۽ بي حس صحت کاتي کي ذري برابر به جنبش ۾ نه آڻي سگهيون آهن. ان جا ڪهڙا سبب آهن، سي هر شعور وارو ماڻهو سمجهي سگهي ٿو ته حڪومت ۾ کاتي جي سواءِ پنهنجو پيٽ ڀرڻ جي ٻئي پاسي ڌيان اڃا تائين نه ٿيو آهي، ان لاءِ بهتر آهي ته پنهنجي گلن جهڙي ٻارڙن جي موت کان بچڻ لاءِ خود ئي ڪو ڪارڻ ڳولهيون.

                 ارڙي جي بيماري لاءِ ٽڪن واري پروگرام ۾ بچاءَ جو ٽڪو به شامل آهي پر افسوس اهو آهي ته اڄ به سنڌ ۾ چوٿون حصو اهڙا ٻار آهن، جن تائين اڃان بچاءَ جو ٽڪو نه لڳي سگهيو آهي ۽ ان ڪري هي بيماري سنڌ ۾ گهڻو موت ۽ بيمارين جو سبب بڻيل آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان مئي 2002ع ۾ يونائيٽيڊ نيشن جي اسپيشل ويهڪ ۽ دنيا جي اسيمبلي Word Assembly  ۾ بچاءُ جو ٽڪو شامل ڪري چڪو آهي. ان باوجود آڪٽوبر 2003ع ۾ WHO/EMRO  جي ڪميٽي آڏو اهو به  واعدو ڪيو ويو هو ۽ طئي ڪيو ويو هو ته 2010ع تائين ڪل 90 سيڪڙو ٻارڙن کي سموري ملڪ ۾ بچاءَ جا ٽڪا هنيا ويندا ۽ اهڙي طرح هن نهايت خطرناڪ بيماري جي پاڙ پٽي ويندي پر افسوس جو ان تي به عمل پوري طرح نه ٿي سگهيو آهي ۽ سنڌ جا گلن جهڙا ننڍڙا ٻار ارڙي ۾ روزانه مري رهيا آهن.

ارڙي ڇا آهي؟

هي موتمار بيماري وائرسي انفيڪشن ذريعي انهن ٻارن لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي، جيڪي ڪمزور يا سلهه بيماري ۾ اڳ ۾ ئي مبتلا هوندا آهن. هي بيماري ٻارڙن کي ليس، زڪام، بخار، اکيون ڳاڙهيون ۽ کنگهه سان شروع ٿئي ٿي. ارڙي جي بيماري سبب ٻارڙن کي دست ٿين ٿا ۽ وات پڻ پچي پوي ٿو. هن بيماري ۾ ڪنڌ، منهن، جسم، ٻانهن ۽ ٽَنگن تي Maculopapular  نشان يا ٻُر – ٻُر، تمام گهڻي بخار سان گڏ هي بيماري ظاهر ٿئي ٿي. ٻن يا ٽن ڏينهن کانپوءِ چند ننڍڙا نشان وات ۾ به ظاهر ٿيندا آهن. سنهڙا ڳاڙها نشان پڻ سڄي بدن تي هڪ ٻن ڏينهن ۾ ظاهر ٿين ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ڪارا نشان به ظاهر ٿين ٿا، جيڪي Black Measels  ڪاري ارڙي جا خطرناڪ نشان آهن.

ارڙي جو علاج

* ارڙي واري ٻار کي مڪمل آرام ڪرائجي، مسلسل کاڌو ۽ پاڻيٺ تمام جهجهي تعداد ۾ استعمال ڪرائجي.

* بخار ۽ کنگهه لاءِ پئراسٽامول، ائسپرين ۽ اينٽيبايوٽڪ، سيپٽران، ائمپيسلين يا ايماگزل ڏجن.

* وٽامن اي اکين کي نقصان کان بچائڻ لاءِ ضروري ڏجي.

* نمونيا، گردن ٽوڙ، ڪن يا معدي يا پيٽ ۾ شديد سور ۾ ٻار کي جلد اسپتال داخل ڪرائجي.

* دستن ۾ ٻارڙن کي نمڪول لڳاتار ڏجي.

* مسلسل کنگهه، بلغم يا بلغم ۾ رت اچي ته اسپتال داخل ڪرائجي.

بچاءَ جا ٽڪا

ارڙي جي بچاءَ جو ٽڪو سرڪاري اسپتال مان 9 مهينن ۽ 15 مهينن جي عمر ۾ ٻه دفعا ضرور هڻائجي. جن علائقن، ڳوٺن ۾ ارڙي جي بيماري پهچي چڪي آهي، اتي 6 مهينن کان 10 سالن جي عمر تائين مڪمل ٻارڙن کي ارڙي جا ٽڪا لڳرائڻ گهرجن. اسپتال ۾ پاڻ ٻارن کي وٺي وڃي ٽڪا هڻائجن، ڇاڪاڻ ته هاڻ اوهان جي در تي ٽڪن جي ٽيم اچڻ جو انتظار نه ڪيو وڃي. سرڪاري اسپتال ۾ يا سوشل ورڪر هن بيماري جي ٽڪن لاءِ گهرن ۾ اچن يا پاڻ وڃجي ته لڳندڙ دوا/ ٽڪن جي تاريخ ضرور چيڪ ڪئي وڃي. اگر گهر ۾ ارڙي جو ٻار هجي ته مهرباني ڪري ان کان ٻين 10 سالن جي عمر جي ٻارن کي الڳ رکڻ گهرجي. ڀائر ۽ ڀينرن کان به پري رکڻ گهرجي. پاڙي جي گهرن ۾ ارڙي زده ٻارن سان ملڻ جلڻ بلڪل ختم ڪجي ۽ ان گهر ۾ ٻار نه موڪلڻ گهرجن. ارڙي وارن ٻارن کي ارڙي کانپوءِ به 10 ڏينهن اسڪول، مارڪيٽ يا پاڙي ۾ راندين جي ميدان ۾ نه ڇڏڻ گهرجي.

حڪومت جو فرض

ارڙي جي بيماري لڳاتار محنت سان ۽ ٽڪن جي ڪورس سان ختم ڪري سگهجي ٿي. سنڌ ۾ هن کان اڳ ۾ به چار پنج دفعا سرڪار طرفان صحت کاتي جي عملي، ڊاڪٽرن ۽ EPI ويڪسينيٽرن جي ڪوشش سان ارڙي کي شڪست ڏنل آهي پر بدقسمتي سان هن سال گهر گهر بچاءَ جي پروگرام کي مسلسل ڌيان نه ڏيڻ سبب نه رڳو ارڙي پر کرٽيو، ٽي بي (سلهه) ۽ سائي هينئر وبائي بيماريون ٿي ويون آهن. حڪومت جو فرض آهي ته هاڻ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت اسپتالون ڪوس گهر ٺاهڻ بند ڪري موجوده سرڪاري ۽ پرائيويٽ ملازمن کي اعتماد ۾ وٺي هنگامي بنياد تي ٽڪن جو پروگرام شروع ڪرائي هن موت جي راڪاس کي سنڌ مان تڙيو وڃي، نه ته اهو ڏينهن پري ڪونهي جڏهن حڪمرانن جي گهرن ۾ به هي راڪاس پڄي ويندو ۽ پوءِ ڪجهه به ڪري نه سگهبو ۽ غريبن جا ٻار هن بيمارين ۾ موت جي منهن ۾ هليا ويندا. شال سنڌ حڪومت ننڊ مان سجاڳ ٿئي ۽ شال سنڌ جا ٻار انهن بيمارين کان محفوظ ٿي وڃن.

[email protected]