سکر ۽ ڀر پاسي جي علائقن مان اغوا ٿيل 7 ڄڻن کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام

0
32

سکر ۽ ڀر پاسي جي علائقن مان اغوا ٿيل 7 ڄڻن کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام، هفتو اڳ سکر جي رنگ روڊ وٽان اغوا ٿيل چاچو ڀائٽيو اقبال کوسو ۽ رضوان کوسو بازياب نه ٿيا

وارثن موجب ڌاڙيلن 30 لک ڀنگ گهريو آهي، رمضان جي مهيني ۾ اغوا ٿيل نينگر شفيق مشوري به ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل، ڌاڙيلن نينگر جي والد ۽ پوليس جي هيڊ ڪانسٽيبل کان 50 لک ڀنگ گهريو آهي

پنوعاقل مان اغوا ٿيل غلام حيدر دايو، ڪامران، پيارو ۽ رمضان رياستي به يرغمال بڻيل، ڊيرا سرڪي مان اغوا ٿيل ٺل واسي پورهيت انيس بروهي به بازياب نه ٿي سگهيو، مغوي جي امڙ پاران ايس ايس پي بشير بروهي کي پٽ بازياب ڪرائي ڏيڻ جي اپيل