وچ اوڀر ڇڪتاڻ ڇو ۽ ڇا لاءِ!؟

0
26
وچ اوڀر ڇڪتاڻ ڇو ۽ ڇا لاءِ!؟

 ٽين عالمي جنگ نه لڳندي. سڀني ملڪن جي حڪمرانن جا مفاد اسٽيٽس ڪو يعني حالتن کي جيئن جو تيئن رکڻ ۾ آھن ۽ حالتن کي جيئن جو تيئن رکڻ ۾ اھو به شامل آھي ته آمريڪا ڪنھن نه ملڪ يا گروپ سان کئونس ڪندو رھي. انھيءَ عادت جو مشاھدو اسين آئي ڏينھن سندس چيلي اسرائيل جي حرڪتن ۾ ڪندا ٿا رھون. اھڙي ئي حرڪت ڪندي ھن 2 اپريل تي دمشق (شام) ۾ ايراني قونصل خاني تي حملو ڪري ڏنو، جنھن ۾ پاسداران انقلاب جي پرڏيھي ڀاڱي قدس فورس جو سينيئر ڪمانڊر محمد رضا زاھدي سميت، 13 ڄڻا کاڄ ٿي ويا. شام ۾ ايران جي ماڻھن تي صيھونين اڳي به حملا ڪيا پر ايران چڙ جو شڪار ٿيڻ بدران بردباري ڏيکاري. پر 2 اپريل وارو حملو ھڪ طرح جنگ جو اعلان ھو. پوءِ 14 اپريل تي دنيا ڏٺو ته تھران اسرائيل جي فوجي ساز و سامان تي بارود جي برسات ڪري ڏني.

                 ايراني حملي بعد صيھونين کي اھو محسوس ٿيو ته ايران حملا ڪري سگھي ٿو ۽ ڪھڙي به طرف کان، ھر حملي بعد اسرائيل جي گھٽتائي ٿيندي. اھا گھٽتائي ٻي ھر شئي کان وڌ عدم تحفظ جو شديد احساس آھي، جيڪو اسرائيلي شھرين کي ورائي ويو آھي ۽ جنھن جي ڪري ھنن مان ڪيترن ئي ملڪ مان نڪري وڃڻ جا جتن ڪيا. انھن مان ڪي ڪامياب به ٿيا آھن.

اھي سڀ اڳي بي خوف ٿي گھمندا ۽ فلسطينين کي نڌڻڪو ڪري ماريندا ۽ گھرن مان تڙي ڪڍندا ھئا. اھي آرام سان گذارڻ ۽ موجون ماڻڻ جا عادي ھئا. پر ھاڻي صورتحال ساڳي نه رھي آھي. ھاڻي ڪنھن به طرف کان، ڪھڙي به وقت ۽ ڪھڙي به ڌر، ملڪ يا ٽولي کان حملي جو خطرو کين درپيش رھي ٿو. جيئن 18 اپريل تي به حزب الله مٿن حملو ڪيو آھي ۽ 14 صيھوني فوجي زخمي ٿي ويا آھن. ھوڏانھن يمن مان حوثي حملي لاءِ موقعي جي تاڙ ۾ آھن. آمريڪي ۽ يورپي حڪمرانن سان گڏ سعودي به ايراني حملي جي نندا ڪئي ۽ اردن ته ميزائل ڪيرائڻ ۾ به ملوث ٿيو.

يو اين جي بين الاقوامي ايٽمي نگران اداري آءِ اي اي اي I A E A ھن موقعي تي ايران جو نئون ڏوھ ‘دريافت’ ڪري ورتو آھي. ان جو چوڻ آھي ته گذريل سال ايران جي زير زمين فورڊو سائيٽ تي يورينيم جا ذرا ڏٺا ھئا، جيڪي ھٿيارن جي درجي جي ويجھو ھئا. ھن موجب ايران عالمي طاقتن سان 2015 ۾ ٿيل ايٽمي ٺاھ جي ڀڃڪڙي ڪندي ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي کان 60 سيڪڙو تائين يورينيم رچاءَ ڪري رھيو آھي”.

اڳوڻي آمريڪي صدر ٽرمپ پنھنجي صدارتي دور ۾، 2018 ۾ ان ٺاھ تان ھڪ طرفه طور ھٿ کنيو ھو ۽ ايران تي ٻيھر پابنديون لاڳو ڪيون ھئائين. جنھن بين الاقوامي ايجنسيءَ پنھنجي ھڪ ڪوڙي رپورٽ سان ٻارن سميت اڍائي لک عراقي آمريڪا کان مارايا، ساڳي ايجنسيءَ ھاڻي ايران لاءِ شڪي قسم جي رپورٽ ميدان تي آڻڻ جي جادوگري ڪئي آھي. ھزارين ايٽم بمن سان دنيا ۾ امن جي پرچار واري عياري ڪندڙ آمريڪا اسرائيل کي ته ايٽمي ھٿيارن کان نه روڪيو ۽ ان کي لڳاتار ھٿيار ڏيندو رھي ٿو، پر ايران تي بندشون ٿو ھڻي.

ٻٽن معيارن جو قصو اتي ئي دنگ نه ٿو ڪري. اسرائيل کي ھٿيار ڏيڻ جي ھڪ آمريڪي فيصلي خلاف گوگل جي ڪن ملازمن احتجاج ۾ حصو ورتو ته ان ‘ڏوھ’ ۾ گوگل انتظاميا انھن 22 ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍي ڇڏيو. اھا آھي راءِ جي اظھار جي آزادي، جيڪا جمھوريت جو پرچارڪ آمريڪا پنھنجي ئي ماڻھن کي نه ٿو ڏئي. ابلاغ جا ذريعا يھودين جي قبضي ۾ آھن. يھودي فلسطينين کي ماري رھيا آھن. 7 آڪٽوبر کان وٺي ھن وقت تائين 34 ھزار فلسطينين جو قتل عام ڪيو ويو آھي، جن مان ھزارين ٻار آھن. اھا سڄي يھودين جي ڪرڻي چئجي پر يھودين ۾ به پنج ئي آڱريون برابر ناھن. آمريڪا ۽ برطانيا ۾ يھودين جو به ھڪ تعداد احتجاجي مظاھرن ۾ حصو وٺندو رھيو آھي.

يورپي عوام فلسطينين جي حق ۾ ۽ شھرين ۽ خاص طور معصوم ٻارن کي نشانو بنائيندڙ  اسرائيلي ڪارروائين خلاف عمل جي ميدان ۾ آھي. مسلم عوام توڙي جو ان حد تائين سرگرم ناھي پر ايران جي جواب سميت مسلم عوام منجھ موجود ڪاوڙ ڪنھن به وقت ڀڙڪو کائي سگھي ٿي. اسرائيلي عوام جا سڄي ملڪ ۾ نيتن ياھو خلاف احتجاجي مظاھرا به، اھي سڀ ان ڳالھ جون علامتون آھن ته طاقت جو استعمال ھڪ حد تائين ڪارگر آھي پر اھو جلد ئي ردعملbackfire جو سبب ٿي سگھي ٿو. اھا ڳالھ آمريڪا جي عيسائي اڪثريت جي نمائندن کي سمجھ ۾ اچي ٿي. تنھن کان سواءِ آمريڪا اندروني لحاظ کان بحرانن جي وڪڙ ۾ آھي. سو ڪنھن جنگي مھم کان آمريڪا ٽھي ٿو، پوءِ اھا اسرائيل جي ئي ڇو نه ھجي. ڇو ته ان ۾ ڪنھن حد تائين ۽ ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ سھي، آمريڪا کي حصو وٺڻو پوندو. پر وچ اوڀر ۾ آمريڪا جي جن مفادن کي خطرو آھي، انھن جي بچاءَ لاءِ ھو چاھي ٿو ته ايران، مصر ۽ ٻين ملڪن جون حڪومتون پاڻ کي جٽادار stable محسوس نه ڪن. آمريڪا ۽ اسرائيل شام کي تباھ برباد ڪري ڇڏيو ۽ سعودي عرب آمريڪا سان گڏجي يمن جو ٻيڙو ٻوڙيو. عرب حڪمران پنهنجي عياشين ۾ پورا آهن. جوش مليح آباديءَ چواڻي:

وھي سلسلهء آہ و ھو جاري ھي

وھي مشغله جام و سبو جاري ھي

ايسي ٽڪر کائي ھي حضرت انسان سي

اديان ڪي ماٿي سي لھو جاري ھي

هونئن ته اھي سڀ ماڻھو حقيقت ۾ جنگ نه ٿا چاھين. ان جو سبب اھو آھي ته سرمائيداريءَ جي شروعاتي دور جي ابتڙ ھن وقت عام طور سندن حرام جي ڪمائيءَ جو ذريعو ڪاروبار آھي، خاص طور سائبر، نيٽ، ڪمپيوٽرس وغيره وارو ڪاروبار جنھن کي جنگ برباد ڪري ڇڏيندي ۽ سياسي عدم استحڪام جيڪڏھن چوٽ چڙھي ويو ته ڪاروباري، معاشي، سياسي، مطلب ته ھر قسم جا سامراجي مفاد لڙھي ويندا. البت آمريڪا ۽ يورپي حڪمران طبقو مختلف ملڪن وچ ۾ جنگ رڳو ھڪ صورت ۾ ڇيڙي ڇڏيندا.

اھو تڏھن جڏھن ڪي قوتون وچ اوڀر مان سندن ٿڏا پٽرائڻ جي سگھ حاصل ڪري وٺن. اھو ئي ٿڏا پٽرائڻ جو دڙڪو ايران آمريڪا کي ڏئي ان کي جنگ کان پري ڌڪي ڇڏيو آھي. اھو دڙڪو محض ايران جي پنھنجي سگھ جي آڌار تي نه ھو. سندس پشت پناهيءَ جو آسرو روس ۽ چين ان کي ڏنو آھي.