ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي جي مختلف برادرين جي 30 کان وڌيڪ ماڻھن مسلم ليگ نواز ۾ شموليت ڪري ڇڏي، ضلعي قيادت پاران آجياڻو ڏنو ويو. ٺٽي ۾ مختلف برادرين سان تعلق رکندڙن شير گندرو، زين شيخ، غني بوھڙ، قادر بھراڻي، ظھير ميمڻ، رحيم واريو، مزمل منگي، رحمان ميمڻ، مير محمد ملاح، شاھ رخ خان واريو، علي شير گندرو، عبدالرحمان بشير، جاويد سومرو، من جسڪاڻي، عاشق واريو، اسماعيل ماڇي، شاھزيب واريو، نبي بخش واريو سميت 30 کان وڌيڪ ماڻھن مسلم ليگ نواز جي صوبائي نائب صدر منظور خشڪ جي رھائشگاھ تي نواز ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. نواز ليگ ۾ شموليت ڪندڙن کي ضلعي قيادت پاران آجياڻو ڏنو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي منظور خشڪ، غلام عباس عطائي، ناٿو ڪنڀار، ٻين چيو ته ھِن وقت ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي مسلم ليگ نواز آھي. نواز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ ملڪ ترقيءَ جي راھ تي گامزن ھو پر ھڪ سازش تحت ملڪ کي تباھ ڪيو ويو آھي. ھنن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ماڻھن جا مسئلا حل نه پئي ڪري.