عمرڪوٽ (رپورٽر) هڪ هفتو اڳ سرن جي بٺي تان اغوا ڄاڻايل ٽن ٻارن جي ماءُ جميلا شيخ بٺي تي ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ مزدور عبدالڪريم چوهاڻ سان پسند جي شادي ڪري عدالت آڏو پيش ٿي، جتي ناري جميلا شيخ عدالت سڳوري ۾ بيان ڏيندي چيو آهي ته آئون پنهنجي مڙس عبدالڪريم چوھاڻ سان گڏ رھڻ چاھيان ٿي، هن چيو ته نه مونکي ڪنهن ورغلايو آھي نه وري ڪنهن اغوا ڪيو آھي آئون پنهنجي مرضي مطابق عبدالڪريم چوهاڻ سان پسند جي شادي ڪئي آهي. مونکي ۽ منهنجي مڙس عبدالڪريم کي منهنجي اڳوڻي مڙس دلشاد شيخ مان جان جو خطرو آھي اسان کي تحفظ ڏنو وڃي، جنهن بعد عدالت سڳوري جوڙي کي گڏ رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.