نوشهروفيروز (رپورٽر) ڳوٺ گھيڙ ھجو جي رھواسين پاران وياجين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي محمد ذڪريا عباسي، سھيل احمد، ضمير احمد عباسي ۽ ٻين چيو ته مورو جي وياجين وياج جا پئسا ٻيڻا ٽيڻا ڏيڻ باوجود به اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي. ھن چيو ته وياجين سندن ھمراهه پرويز کي مختلف وقتن تي 50 لک رپيا ڏنا جيڪي ھو وياج سميت ھڪ ڪروڙ 20 لکن کان به وڌيڪ رقم وياجين کي ڏئي چڪا آهن جن جا وٽن ثبوت به آھن. پر ان باوجود به وياجي زمين ۽ ٻي ملڪيت تي قبضو ڪرڻ ِ چاھين ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته وياجين جي ظلم کان بچايو وڃي ۽ سندن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.