ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي ۾ اوباش نوجوان ھٿان مبينا زيادتي جي شڪار ٿيڻ بعد بدناميءَ کان دل شڪستا ٿي گھر جي ڇت تان ٽپو ڏئي آپگھات جي ڪوشش ڪئي. واقعي بعد نائين ڪلاس جي شاگرد محمود گندرو کي 10 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ھوش نه آيو، ٺٽو شھر جي کڏائي پاڙ جي مبينا زيادتي جي شڪار ڄاڻايل نائين ڪلاس جي شاگرد جي وارثن سليمان گندرو ۽ ٻين چيو آھي ته نائين ڪلاس جي شاگرد محمود گندرو کي اوباش نوجوانن جي ٽولي مھتاب ملاح جي اڳواڻي ۾ کنڀي مبينا زيادتي جو نشانو بڻائي وڊيو ڀري. اھڙي زيادتي بعد شاگرد دل شڪستا دل ٿي گھر جي ڇت تان ٽپو ڏئي آپگھات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن کي سول اسپتال مڪلي بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جناح اسپتال نيو ويو آھي، جتي نينگر کي ڪيترن ڪلاڪن جي گذرڻ باوجود ھوش ناھي آيو. پوليس نشاندھي باوجود جوابدارن خلاف ھن مھل تائين ڪا به ڪارروائي ناھي ڪئي. ھنن مطالبو ڪيو آھي ته سندن نينگر سان زيادتي ڪندڙ اوباش نوجوانن جي ٽولي ۽ انھن جي اڳواڻ مھتاب ملاح کي فوري گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي