ٺٽو: مڪلي ٿاڻي جي حد ۾ هاليجي ڍنڍ ويجھو چنگچي رڪشا جي ڪي ڊي اي واھ ۾ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻڏي ويل ٽن معصوم ٻارڙن جا رات دير تائين نيوي اهلڪارن جي ڳولا بعد لاشن جي هٿ نه اچڻ تي نيوي اهلڪارن پڻ ٻارڙن جي ڳولا واري شروع ڪيل ريسڪيو آپريشن کي رات جو جواز ڄاڻائي بند ڪري ٻيهر (اڄ) صبح 7 هين وکي کان آپريشن شروع ڪرڻ جو ڄاڻايو آهي. جڏهن ته نيوي اهلڪارن جي ريسڪيو آپريشن بند ٿيڻ بعد ٻڏي ويل ٻارڙن جو متاثر خاندان ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن پاران پڻ ڪي ڊي واھ جي ٻنهي پاسن کان ڳولا واري سلسلي کي جاري رکيو ويو آهي. جڏهن ته هڪ ئي خاندان باگڙي برادري جي 5 ڄڻن جي ٻڏڻ واري پيش آيل ڏکوئيندڙ واقعي بعد پڻ ڪي ڊي واھ جي ارد گرد سوڳ وارو ماحول ڇانيل آهي.