ٺل (ن پ ا) ٺل ۾ گسٽا سميت ٻين استاد تنظيمن پاران آدمشماري ۾ ڪنوينس الائونس نه ملڻ خلاف اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. محمد يونس دايو، محمد اسحاق، جئيند لاشاري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته جيستائين استادن کي ڪنوينس الائونس نه ملندو تيستائين آدمشماري جو ڪم بند رهندو.اسسٽنٽ ڪمشنر ارباب شاهه، مختيارڪار ديدار ڪنراڻي سان استاد اڳواڻن ۽ آدمشماري جي عملي جون ڳالهيون ٿيون، جنهن ۾ مسئلا حل ٿيڻ جي خاطرين تي احتجاج ختم ڪيو ويو.