اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ۾ پي ٽي آءِ پاران مهانگائي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي ارباب انور جبار، وڪيل لجپت راءِ سوراڻي ۽ ارباب خان صاحب توڳاچي چيو  ته امپورٽيڊ سرڪار ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي، ملڪ جي معيشت تباهي جي ڪناري تي پهتل آهي، هنن چيو ته ڪرپٽ پي ڊي ايم ٽولي ملڪ ۾ تاريخي مهانگائي ڪري عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، هنن چيو ته هنن کان ڪير پڇڻ وارو ناهي، عمران خان جي عوامي حڪومت ختم ڪري هنن پنهنجا ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪرايا آهن، هنن مهانگائي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.