باھو کوسو(ن پ ا) باھو کوسو لڳ ڳوٺ نيو مانجھي شاخ جي رھواسڻ خالده کوسو مڙس محمد خان کوسو جي تشدد کان تنگ ٿي ٿاڻي تي پناھ لاءِ پھتي، پوليس ناري کي سول ڪورٽ ٺل ۾ پيش ڪيو، ناري جج اڳيان دانھيندي چيو ته مان 8 سال اڳ محمد خان کوسو سان شادي ڪئي روزانو مڙس مون تي تشدد ڪندو آھي خدشو آھي ته مون کي ڪارنھن جي ڪوڙي الزام ھيٺ قتل نه ڪري ڇڏي پنھنجي پيءُ بابو خان کوسو جي گھر وڃڻ چاھيان ٿي مون کي تحفظ ڏنو وڃي جنھن بعد ڪورٽ ناري خالده خاتون کوسو کي پيءُ جي حوالي ڪري ڇڏيو.