ٺاروشاھ ڀرسان زال مڙس کي ڪٽڪو ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو، دانهون

0
357

ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاهه ڀرسان پورهيت مڙس کي زال ڪٽڪو ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو، جيڪو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو آهي، ڳوٺ مصري خان سولنگي واسي همالڪو ڪم ڪندڙ پورهيت غلام مرتضيٰ سولنگي پريس ڪلب ٺاروشاھ پهچي دانهيندي چيو ته منهنجي گهر واري راحت سولنگي مون کي پيسن تان ڪٽڪو ڏيندي آھي

هن چيو ته هوءَ چوي ٿي ته روز هڪ هزار روپيا مون کي ڏيندو ڪر، مان حمالڪو ڪم ڪندو آھيان، سڄو ڏينهن پورهيو ڪرڻ بعد ٻه چار سئو روپيا مس ڪمائي سگهندو آھيان، وڌيڪ پيسا نه هئڻ ڪري روز گهر ۾ مار ملندي آھي، هن ڊي سي نوشھروفيروز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته مون کي روزگار ڏئي وڌيڪ مار ملڻ کان بچايو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ مان خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿيندس.

ھي به پڙھندا

مڙس بدپيشي لاءِ مجبور پيو ڪري: ٺارو شاهه واسي ناري پاران مبينا ڌمڪين واري آڊيو ڪال جاري