ٺاروشاهه(ن پ ا) ٺاروشاهه ۾ سيلون جي دڪان تي مالش نه ڪرڻ تان بااثر مبينا طور سيلون تي فائرنگ ڪري ڏني، ٿاڻي تي بااثر خلاف اين سي داخل ڪرائي وئي، جوابدار گرفتار نه ٿيو. ٺاروشاهه پوسٽ آفيس ڀرسان سيلون جي دڪان تي هجامڪو ڪم ڪندڙ پورهيت شاهه جھان جي دڪان تي مقامي وڏيري پوسٽ ماسٽر شاھنواز ھتو پاران مالش نه ڪرڻ تي دڪان ۾ مبينا فائرنگ ڪري ڏني، دڪان تي ويٺل گراهڪ رضا محمد جعفري فائرنگ ۾ معجزاڻي طور بچي ويو، سلون مالڪ ۽ رضا جعفري ٻڌايو ته مان سيلون جي دڪان تي وار ٺھرائي رهيو هئس ته مقامي بااثر مالش نه ڪرڻ تان سيلون ۾ فائرنگ ڪئي. هن ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور معاملي جي اڻ ڌري جاچ ڪري بدمست وڏيري خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو يندو. ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل شاھنواز سھتو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سلون تي وار ٺھرائڻ لاءِ ويو ھيس سيلون مالڪ ۽ سيلون تي ويٺل گراھڪ رضا جعفري بدتميزي ڪئي، فائرنگ جو الزام ڪوڙو آهي.