گلاب لغاري (ن پ ا) پي ايس 70 ماتليءَ تي ٿيندڙ ضمني چونڊ جي سلسلي ۾ پيپلزپارٽي جي اميدوار ڏاڏا محمد ھاليپوٽي گذريل ڏينهن گلاب لغاري جي يوسيز ماڻڪ لغاري ۽ حاجي الھڏنو سريوال جي  ڳوٺن ماڻڪ لغاري، حاجي خان محمد انڙ، بلندو باگراڻي، بچل ماڇي، خان محمد لغاري، ھيرا لعل مڪواڻا، شاھ محمد شاھاڻي، حاجي مٺو شاھاڻي ۽ ٻين ڳوٺن ۾ پهچي ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون. ڳوٺ محمد خان زئور ۾ سماجي افطار ڊنر جي موقعي تي ڳالهائيندي پ پ اميدوار ڏاڏا محمد ھاليپوٽي چيو ته اليڪشن ۾ ڪاميابي بعد تعلقي جي عوام ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت جي ڪيل اعتماد پورو لھڻ جي ڪوشش ڪندس. ھن وڌيڪ چيو ته مرحوم بشير احمد ھاليپوٽو جي ڪيل خدمتن عيوض ھر ماڻهو پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ منهنجي چونڊ مھم پنهنجي اليڪشن سمجهي ھلائي پيو، جنهن ڪري ڪاميابي يقيني آهي. ان موقعي تي پيپلزپارٽي ضلع بدين جو صدر حاجي رمضان چانڊيو، گل محمد سريوال، تنوير احمد سريوال، عبدالحق ھاليپوٽو، عابد ھاليپوٽو، توفيق سريوال، رفيق جروار، عقيل احمد سريوال، ذوالفقار کوکر ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.