وڳڻ (ن پ ا) وڳڻ ۾ مڪاني چونڊکٽڻ لاءِ پ پ  اميدوارن چونڊ مُھم شروع ڪري ڇڏي. وڳڻ جي يوسي چئوديرو تي پ پ جي نامزد اميدوارن پاران اليڪشن کٽڻ ۽ ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ مقامي ھوٽل ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنھن ۾ تنيا برادري جي سردار الطاف حسين تنيو، پ پ تعلقي نصيرآباد جي صدر خان محمد  ڦلپوٽو، انجنيئر منظور قادر ڪانڌڙو، سرتاج احمد تنيو، چيئرمين جي اميدوار دانش تنيو، وڪيل عاشق علي جتوئي، ممتاز لنجواڻي ۽ نجيب الرحمان واھوچو سميت ٻين شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران پ پ جي نامزد اميدوارن جي ورڪ ۽ کين کٽرائڻ لاءِ ماڻھن سان رابطا ڪرڻ بابت صلاح مشورو ڪيو ويو ، ان موقعي تي اڳواڻن سردار الطاف حسين تنيو ۽ ٻين چيو ته پيپلز پارٽي جون پاڙون عوام ۾ کُتل آھن، اسانجي پارٽي سنڌ جي عوام جي خدمت ڪئي آھي ، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد راڻي بينظير ڀٽو پنھنجي عوام لاءِ قرباني ڏني، مڪاني چونڊن ۾ پ پ يوسي چئوديرو سميت سموري قمبر شھدادڪوٽ ضلعي ۾ مخالفن کي بدترين شڪست ڏيندي.