کپرو (ن پ ا) پ پ جي ضلعي صدر علي حسن هنگورجو سامهون بيٺل اميدوارن جافارم رد، بنامقابلي ڪامياب قرار، تحريڪ انصاف ۽ جي ڊي اي  پاران آر او تي ڌر هئڻ جو الزام، ان ڏس ۾ بلدياتي اليڪشن جي لاءِ ڀرايل فارمن جي چنڊ ڇاڻ بعد يوسي ڀوپي جي ضلعي ڪائونسلر جي سيٽ تي نامزد تحريڪ انصاف جي  نوازعلي درس ۽ جي ڊي اي جي رسول بخش ڪيريو  جا  ضلعي ڪائونسلر جي سيٽ  تي ڀريل  نامزد گي فارم رد ڪري علي حسن هنگورجو کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏيڻ جو ليٽر جاري ڪيو ويوآهي، ٻي طرف رسول بخش ڪيريو  الزم هڻندي چيوته آر او ڌر آهي، بنا جواز منهنجو فارم رد ڪيو ويو آهي، هن چيو ته  آئون عدالت ۾ اپيل داخل ڪندس.