باقراڻي (ن پ ا ) باقراڻي ۾ پي ٽي آءِ پاران اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽ ڏنا ويا. تفصيل موجب انڙ ھائوس علي آباد ۾ بلدياتي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽ ورهائڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي تقريب ۾ پارٽي اميدوارن کي ٽڪيٽ ڏنا. ان موقعي تي خطاب ڪندي علي زيدي چيو ته اسان جو مطالبو صاف ۽ شفاف  چونڊون ڪرائڻ آهي ، موجوده حڪومت 32 يا 48 ڪلاڪن تائين ٽڪيل هوندي ، ڇو ته عمران خان انقلاب جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته  تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ ڪي پي ڪي ۽ پنجاب کان نڪرندو جڏهن ته پوري سنڌ کي سري نگر ھاءِ وي بڻائنداسين. ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ ڏاڏو الله بخش خان انڙ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پ پ 15 سالن کان سنڌ ۾ تباھي مچائي آهي ، اڃان تائين پاڻي نه پھتو آهي ڪئنال خشڪ آهن سنڌ بنجر بڻجي وئي آهي جنهن جي ذميوار پ پ آهي ، ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ مبين خان جتوئي ، علي ڏنو عرف سانول خان انڙ ، خرم خان انڙ ، ميڊم ناهيد  کهاوڙ ، سردار ظفر حسين سانگي ، اياز ڀاڳت ، آغا شمس ۽ ٻين پڻ تقريب کي خطاب ڪيو .