اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار شرعي عدالت طرفان وياج جي خاتمي واري فيصلي خلاف اپيل واپس وٺڻ جي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي، حڪومت طرفان اسٽيٽ بئنڪ جي وڪيل سلمان اڪرم راجا سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندي استدعا ڪئي ته وفاقي شرعي عدالت جي فيصلي خلاف اپيل ٻڌڻي هيٺ آهي، اپيل واپس وٺڻ واري درخواست منظور ڪئي وڃي. ياد رهي ته شرعي ڪورٽ وياج واري نظام جي خاتمي جو حڪم ڏنو هو پر اسٽيٽ بينڪ وفاقي شرعي عدالت جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي هئي.