اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته عمران خان پاڻ تماشو بڻجي چڪو آهي، 4 سالن کان پرڏيهي ايجنٽ ملڪ ۽ قوم کي تماشو بڻائي رکيو آهي، هن چيو ته عمران خان جا تماشا بي نقاب ٿي چڪا آهن، عمران خان هن ملڪ ۾ 2014ع کان تماشو لڳايو آهي، 4 سال نالائقي، نااهلي، الزامن ۽ ڪوڙ جو تماشو لڳايو، هن چيو ته عمران خان شهيدن جي خلاف غليظ مهم هلائڻ، ادارن ۾ بغاوت جو تماشو لڳايو، عمران صاحب هاڻي تماشا بند ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي.