واشنگٽن (م ڊ) عالمي سطح جي معتبر ترين آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل ۾ شايع ٿيل مضمون ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان پاڪستان کي تباهي ڪناري اچي بيهاريو آهي، جيڪڏهن فوج وکري وئي ته پاڪستان به نه بچندو، سينيئر فوجي آفيسر کي عوامي سطح تي نشانو بڻائڻ انتقامي ڪارروائي ۽ ملٽري لاڳاپن کي وڏو نقصان پهچائڻ برابر آهي. آمريڪي اخبار جي مضمون ۾ لکيو ويو آهي ته عمران خان جو فوج لاءِ پيغام واضح آهي ته منهنجي لاءِ نه کيڏندا ته توهان کي ڊس ڪريڊٽ ڪرڻ لاءِ هر حد تائين ويندس، عمران خان جو طرز عمل صاف ٻڌائي رهيو آهي ته هو فوجي اداري کي بدنامي جي حد تائين وٺي وڃڻ چاهي ٿو، وال اسٽريٽ جرنل اخبار جي مضمون ۾ وڌيڪ لکيو ويو ته عمران خان جي بليڪ ميلنگ آڏو ڪنڌ جهڪائڻ فوج لاءِ هڪ خراب آپشن هوندو، موجوده صورتحال ۾ فوجي قيادت وٽ ڪجهه سٺا آپشن به آهن، جڏهن ته عمران خان جي بليڪ ميلنگ کي تسليم ڪرڻ اداري کي ڪمزور ڪرڻ جي برابر هوندو. مضمون نگار موجب پاڪستان ۾ فوج جي ڪردار تي تنقيد به ڪئي ويندي آهي پر ملڪ لاءِ ان جون شاندار خدمتون وڌيڪ اهم آهن، اها فوج ئي آهي جنهن ڀارت سميت ٻين پاڪستان مخالف ملڪن کي ڦاسائي رکيو آهي ۽ فوج هڪ غيرفعال ملڪ ۾ هڪ فعال اداري طور پاڻ کي مڃرايو آهي.