وفاقي وزير خورشيد شاهه سگريٽ جا اگهه ٻيڻا ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

0
457
وفاقي وزير خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير خورشيد شاهه سگريٽ جا اگهه ٻيڻا ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي، قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير ڪندي خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان جو فرض آهي ته پنهنجي ماڻهن کي بيمارين کان بچايون

ان موقعي تي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته سگريٽ تي ٽئڪس لڳائڻ سان ملڪ کي فائدو ٿيندو ۽ عوام کي به خوشي ٿيندي

ناڻي جي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته خورشيد شٰاهه جي ڳالهه صحيح آهي، وزيراعظم به سگريٽ نوشي جي خلاف آهي، ايندڙ سال تائين انهن کان 200 ارب رُپيا اوڳاڙي ڏيکاريندس

ھي به پڙھندا

وزيراعظم طرفان وڏين صنعتن تي 10 سيڪڙو سُپر ٽئڪس لڳائڻ جو اعلان