وزيراعظم طرفان وڏين صنعتن تي 10 سيڪڙو سُپر ٽئڪس لڳائڻ جو اعلان

0
294
سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برسات

اسلام آباد: وزيراعظم طرفان ٽيڪسٽائيل، آٽو موبائيل، سيمينٽ، اسٽيل، فرٽيلائيزر، شُگر ۽ بئنڪنگ سوڌو وڏين صنعتن تي 10 سيڪڙو سُپر ٽئڪس لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي

 وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ساليانو 15 ڪروڙ آمدني تي هڪ سيڪڙو ۽ 20 ڪروڙ رُپين کان وڌيڪ آمدني تي 2 سيڪڙو ٽئڪس لڳندو، 25 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني تي 3 سيڪڙو ۽ 30 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني تي 4 سيڪڙو ٽئڪس لڳايو ويندو

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته الله جِن کي نعمتن سان نوازيو آهي، اُنهن تي ٽئڪس لڳائي پئسو عوام تي خرچ ڪيو ويندو

 غريب عوام سدائين ملڪ لاءِ خدمت ڏني آهي، اڄ شاهوڪارن لاءِ وقت آهي ته پنهنجو ڪردار ادا ڪن

ھي به پڙھندا

سنڌ ھاءِ ڪورٽ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي