اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اسحاق ڊار جيڪڏهن وطن واپس اچي رهيو آهي ته اهو ان جو ذاتي فيصلو آهي پارٽي سطح جو فيصلو ناهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان اسحاق ڊار جو ملڪ آهي ۽ وطن واپسي ان جو حق آهي، جڏهن به واپس اچي ڪير روڪي نٿو سگهي.