ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل سلمان طالب الدين استعيفا ڏئي ڇڏي، سنڌ جي گورنر  ڏانهن اماڻيل استعيفا جي متن ۾ هن ڄاڻايو ته آئون سنڌ حڪومت جو ٿورائتو آهيان جو هن مونکي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ طور ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو، اي جي سنڌ جي عهدي تي ڪم ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه هئي، آئون سمورن لاءِ آفيسرن ۽ اسٽاف جو ٿورائتو آهيان