ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ شهرين هٿان مبينه طور ڦورو کي مارڻ واري واقعي کانپوءِ ڇڪتاڻ تيز: ڌرڻي ۾ فائرنگ،  وڌيڪ 2 ڄڻا مارجي ويا. 2 ڏينهن اڳ اورنگي ٽائون جي قصبه ڪالوني ۾ شهرين هڪ مبينه ڦورو کي تشدد ڪري ماري ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، ڪالهه مارجي ويل نوجوان جي وارثن جنازي نماز بعد لاش رکي ڌرڻو هنيو، جنهن دوران نامعلوم جوابدارن ڌرڻي تي فائرنگ ڪئي ، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا جڏھن ته ھڪ زخمي ٿي پيو ، هن وقت تائين مبينا ڦورو سميت 3 ڄڻا مارجڻ بعد  علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، انتظاميا پاران رينجرز ۽ پوليس جي ڳري نفري مقرر ڪئي وئي آهي، ايڊيشنل آءِ جي معاملي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي ڪرائيم ڪريم خان جي سربراھي ۾ جاچ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي. پوليس اختيارين جو چوڻ آھي ته قصبا ڪالوني ۾ فائرنگ جو واقعو شھرين ھٿان مارجي ويل مبينا ڦورو جي جنازي نماز بعد پيش آيو، جنھن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا جڏھن ته ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، ڪراچي پوليس چيف جاويد اوڍو جو چوڻ هو ته واقعي کي ڪنھن قسم جو رنگ نه ڏنو وڃي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. رات دير سان مارجي ويلن جي سڃاڻپ 17 ورھين جي سليمان ۽ نورزمان طور ٿي ٿي آھي. سليمان جو وارثن جو چوڻ آھي ته سليمان صدر ۾ ڪپڙي جي دڪان تي نوڪري ڪندو ھو، ھو دڪان تان موڪل وٺي احتجاج ۾ شريڪ ٿيو ھو، اسان پوليس سان ڳالھين بعد احتجاج ختم ڪري وڃي رھيا ھئاسين ته اڻڄاتل ماڻھن فائرنگ ڪئي.