اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان کي قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ ان وقت اچڻو پئجي ويو جڏهن مخالف ڌر وائيس ووٽنگ کي چيلنج ڪندي ميمبرن کي سيٽن تي بيهاري ڳڻپ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو، اهڙي مطالبي کان پوءِ وزيراعظم عمران خان قومي اسيمبلي ايوان ۾ آيو، وزيراعظم ڪالهه لڳ ڀڳ 52 منٽن تائين ايوان ۾ موجود رهيو، جنهن کانپوءِ وزيراعظم بجيٽ جي منظوري مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي ايوان مان نڪري پنهنجي قومي اسيمبلي چيمبر ۾ هليو ويو، قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ وزيراعظم جي آمد تي پي ٽي آءِ جي ميمبرن عمران تنهن جا جانثار بي شمار بي شمار، ڪير بچائيندو پاڪستان عمران خان عمران خان جا نعرا لڳائيندا رهيا، حڪومتي ميمبرن ڊيسڪون وڄائي وزيراعظم جو استقبال ڪيو.