ورلڊ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ شامل رانديگرن جي نيشنل ٽي 20 ۾ ناقص ڪارڪردگي، تبديلين جو امڪان

0
692

راولپنڊي (م ڊ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي اسڪواڊ ۾ شامل ڪجهه رانديگرن جي نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ ناقص پرفارمنس پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ڳڻتي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي لاءِ چونڊيل رانديگرن کي نيشنل ٽي ٽوئنٽي ۾ خراب پرفارمنس تي سليڪشن ڪميٽي تي به تنقيد ٿيڻ لڳي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيشنل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ۾ ڪرڪيٽرز جي ڪارڪردگي بهتر نه ٿي ته اسڪواڊ ۾ تبديليون ٿي سگهن ٿيون، ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ تبديلي لاءِ اڃا به پي سي بي وٽ وقت آهي، اسڪواڊ ۾ هڪ کان وڌيڪ تبديليون ٿي سگهن ٿيون.

ذريعن موجب اعظم خان، خوشدل شاهه، صعيب مقصود ۽ آصف علي جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو پيو وڃي، جڏهن ته ٽريول ريزرو ۾ شامل فخر زمان 15رڪني اسڪواڊ ۾ شامل ٿي سگهي ٿو، واضح رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ سيريز ختم ٿيڻ تي نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ کي بورڊ ورلڊ ڪپ تيارين جو حصو قرار ڏنو هو.