وارث ڏنو ماڇي (ن پ ا) وارث ڏنو ماڇي ويجهو ڳوٺ ميرحسن بوزدار ۾زمين مامري تان بوزدار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي ۾ زخمي ٿيل جان محمد  بوزدار جو ڪيس سندس ڀاءُ نظر بوزدار، ذوالفقار بوزدار، جمال بوزدار،آفتاب بوزدار، صحبت بوزدار، حبدار بوزدار تي داخل ڪرايو. فريادي نظر محمد بوزدار  صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڀاءُ جان محمد بوزدار ڳوٺ ميرحسن بوزدار ۾ قبرستان تي قرآن پاڪ پڙهي رهيو هو ته جوابدارن مٿس حملو ڪري زخمي ڪيو هو، ڪراچي ۾ سندس علاج هلي پيو.