وارث ڏنو ماڇي (ن پ ا) ڳوٺ وسايو ڀٽو ڀرسان ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن هٿان قتل ڪيل مختيار علي بروهي جي ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. فريادي امام داد بروهي پاران نامعلوم ماڻهن خلاف داخل ڪرايل ڪيس ۾ عمران بوزدار، ذوالفقار بوزدار، صحبت بوزدار سميت 6 ڄڻن کي قتل ڪيس ۾  جوابدار ڄاڻايو ويو آھي. پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ مير حسن بوزدار ۽ ڳوٺ علي نواز بوزدار تي ڇاپا هنيا جوابدار هٿ نه اچڻ تي پوليس مينهون ۽ ٻڪريون ڪاهي وئي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته ڦر دورا مزاحمت تي اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو ويو هو. ثبوت ملڻ تي ڪيس ري اوپن ڪرايو آهي.