هيڏي وڏي ڪابينا هجڻ باوجود هڪ به وزير سينيٽ ۾ موجود ناهي: رضا رباني

0
360

هيڏي وڏي ڪابينا هجڻ باوجود

اسلام آباد: سينيٽر رضا رباني سينيٽ ۾ وزيرن جي غير حاضري تي ڪاوڙجي پيو، رضا رباني جو چوڻ ھو تھ هيڏي وڏي ڪابينا هجڻ باوجود هڪ به وزير سينيٽ ۾ موجود ناهي

رضا رباني طرفان احتجاج طور بجيٽ تي تقرير ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو، ان موقعي تي پ پ سينيٽر رضا رباني چيو ته ايوان ۾ ناڻي جي وزير کي موجود هجڻ گهرجي ها، سينيٽ چيئرمين ايڪشن کڻي ۽ وزيرن جي حاضري يقيني بڻائي

 پي ٽي آءِ سينيٽر فيصل جاويد بجيٽ تي تقرير ڪندي چيو ته اڃا بجيٽ تي تياري ڪندا آهيون ته رات جو ٻي بجيٽ اچي ويندي آهي، پيٽرول جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ سان ماڻهن کي گهر جي بجيٽ به ٺاهڻ ڏکيو ٿي ويو آهي

بلوچستان ۾ پاڻي کوٽ خلاف پي ٽي آءِ سينيٽرز ۽ طارق بزنجو طرفان واڪ آئوٽ، سينيٽ چيئرمين ارسا کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي